اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ و??پار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ و??ارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شه??از شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو ??نت??ر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ و??پار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف ازبڪستان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.