بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحا?? ڊار من ميٽلز جي نائب صدر ۽ چين جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين چين جانگوينگ سان ڪالهه س??مر ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن بل??چستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ من ميٽلز ۽ ايم سي سي جي تعاون کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تيزور ڏنو ته پاڪستان ان چين کي ٽامي جي برآمدات 2022ع ۾ تيزي سان وڌي 1.22 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي جيڪا 2018ع ۾ 132 ملين ڊالر هئي. نائب وزيراعظم محمد اسحا?? ڊار چيني ڪمپنين کي بل??چستان ۾ پروسيسنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئ?? ملڪي کپت ۽ چين کي برآمدات جي لاءِ ويليو ايڊيڊ معدني مصنوعات تيار ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته س?? پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي نجي اد??رن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته س?? پي اي سي من ميٽلز ۽ ايم سي سي کي جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ته جيئن لاجسٽڪ ڪارڪردگي کي وڌائي ۽ خام مال سميت تيار مصنوعات جي لاءِ چرپر جي خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي.