اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن ??ي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي ??طور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي ??ي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميش?? جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ??مي??ي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ??مي??ي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ??مي??ي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميش?? جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.