اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانس??ان اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ترڪمانس??ان جي قومي اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف جي پاڪس??ان جي دوري جا منتظر آهيون، سندس پاڪس??ان جو متوقع دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ ترڪمانستانجي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانس??ان جا لاڳاپا امن ۽ خوشحالي جي گڏيل نصب العين تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي عوام جا هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا آهن. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ملاقات ۾ اسان ٻطرفي ايجنڊا سان گڏ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو پڻ احاطو ڪيو. ترڪمانس??ان جي پرڏيهي وزير جو پاڪس??ان جو دورو ٻطرفي مٽاسٽا ۽ تعاون جي فروغ جي عزم جو اظهار آهي. خوشي آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانس??ان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ گامزن آهن. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانس??ان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. گڏيل مشاورت جي ٽئين دور ۾ اسان مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جڏهن ته اسان اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان سياست، معيشت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ سگهه ??يڻ تي اتفاق ڪيو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو آهي. هن چيو ته ترڪمانس??ان جي پرڏيهي وزير کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ??يو. اسان ترڪمانس??ان جي ڪمپنين کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪن ٿيون. ترڪمانس??ان جون ڪمپنيون گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻن. نائب وزيراعظم چيو ته تاپي گئس پائيپ لائين ۽ اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي ۽ ان جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪمانس??ان آزاد ويزا پاليسي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. اسان ٻطرفي پارلياماني رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تعليمي وظيفن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسان گڏيل قومن ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪمانس??ان جي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ??يو. ان موقعي تي ترڪمانس??ان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف چيو ته پاڪس??ان اسان جو ويجهو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪس??ان حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني هم منصب سان مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. ترڪمانس??ان جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان سان سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.