لاهور – 15 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڄ جنهن وٽ م??با??يل آهي اهو وي لاگر ۽ يوٽيوبر بڻجي وڃي ٿو، سوشل ميڊيا جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ضروري آهن. هو سينيئر صحافي، پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري جي ??در اخلاق باجوه مرحوم جي گهر وڃي گهرڀاتين س??ن ملاقات ۽ فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته اخلاق باجوه سان سٺي خراب وقتن جو ساٿ رهيو، هو هڪ فرض شناس ۽ ديانتدار صحافي هو، اهڙو صحافي جيڪو ٻين جي مشڪل ۾ ڏک ونڊڻ ڄاڻيندو هو. سندس پورو ڪيريئر ڏٺو وڃي ته هن فرض شناسي ۽ انتهائي ايمانداري سان گذاريو، کيس سدائين ٻين جي مشڪل ۾ اڳتي وڌي مدد ڪندي ڏٺو. هو اسان کي به ڪو مشورو ڏيندو هو ته انتهائي خلوص سان ڏيندو هو ۽ تمام سٺي رهنمائي ڪندو هو. هن چيو ته سندس خاندان جو اسان جي مٿان حق آهي ۽ انهن جي ??ارسنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته صحافت ڪرڻ آسان ڪم ناهي هوندو، سخت موسم ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ خلق خدا جي ??دمت آهي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي ??سپيڪر ملڪ محمد احمد خان اخلاق باجوه مرحوم جي هڪ پٽ جي نوڪري جي ??والي سان اعلان ڪيو آهي، اسان 25 لک رپيا فڪس ڊپازٽ ڪرائي رهيا آهيون ۽ ٻئي ڏينهن تائين امانت انهن جي ??والي ڪنداسين ته جيئن ٻارن جي پڙهائي ۽ ٻين معاملن ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، اسان ڪو پروگرام شروع ڪريون جيڪو حڪومت جو پروگرام به ٿي سگهي ٿو ان کي اخلاق باجوه جي نالي س??ن منسوب ڪريون، پريس ڪلب جي ??ندر ڪو حال، ڪنهن سرڪاري عمارت کي به اخلاق باجوه جي نالي س??ن منسوب ڪري سگهجي ٿو ته جيئن سندس ياد زندهه رهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت هيلٿ انشورنس جو پروگرام شروع ڪيو آهي، اس??ن مختلف ادارن جون اشتهارن جي مد ۾ 1.6 ارب جون رهتون ادا ڪيون. اسان چيو آهي ته جيتريون به رهتون آهن اهي ادا ڪيون وينديون، اسان ادارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن. آئون جڏهن به مالڪن يا سينيئر مئنجمينٽ س??ن ملندو آهيان آئون رڳو اهو ئي چوندو آهيان ته پنهنجي ورڪز جون پگهارون ادا ڪن. انهن اخبارن تي ٽيڪس لڳڻ نه ڏنا، جيڪڏهن اهي ٽيڪس لڳي وڃن ها ته اخبارن مان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي وڃن ها. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جو استحصال نه ٿيڻ گهرجي پر ادارا ويلفيئر جي لاءِ ڪم ڪن. اسان هيلٿ انشورنس شروع ڪئي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ 10 هزار صحافي فائدو کڻندا، انشورنس جي پريميم جي ??دائيگي ڪري چڪا آهيون. لاهور پريس ڪلب جي گرانٽ جي ??والي سان هن چيو ته اطلاعات و??ري ص??با??ي وزير عظميٰ بخاري سان ڳالهه ڪندس. هن چيو ته اسان ته چاهيون ٿا ته لائيف انشورنس به هجي، حڪومت تيار آهي، ادارا اچن ۽ ان ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن اهڙي طرح جو ڪو واقعو ٿئي ته ڪنهن جي ڪفالت جي لاءِ اعلان نه ڪرڻا پون. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اڄ جنهن وٽ م??با??يل آهي اهو وي لاگر ۽ يوٽيوبر بڻجي وڃي ٿو، سوشل ميڊيا جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا هجڻ گهرجن، جڏهن به ان جي لاءِ ڪو قدم کڄي ٿو ته اهو چيو وڃي ٿو ته اظهار راءِ جي ??زادي تي پابندي لڳي رهي آهي، ان جي لاءِ ڪا نه ڪا اهڙي باڊي ٺاهڻي پوندي ته جيئن انهن کي ايڊيٽوريل ڪنٽرول جي ??ندر آندو وڃي.