اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ چيو آهي ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن ه??ائ?? اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ ن??ن هيلٿ ورڪرز کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي جائزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بارڊر هيلٿ سروسز پاران سمورن ه??ائ?? اڏن ۽ انٽري پ??ائ??ٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس وائرس کان بچڻ لاءِ جاري قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار برٿ چيو ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. ه??ائ?? اڏن تي اسڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي صورتحال جي نگراني جاري آهي.