اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي و??لن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طب?? امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي و??ندڙ بس هڪ ٽرڪ س??ن ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين ??رب??ين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي ??هر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ س??ن ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.