ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي اپر دير جي علائقي پاتراڪ ۾ ڇپ ڪرڻ سبب فوتگين تي افسوس جو اظهار ??يو آهي. ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پاتراڪ ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ دير بابت رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ??ندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ت?? پاتراڪ ۾ پيش آيل حادثي ۾ ٻارن سميت جاني نقصان تي ڏکويل آهيان، حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سوڳوارن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ت?? جاچ ٿيڻ گهرجي ته پاتراڪ حادثي ۾ ريسڪيو آپريشن وقت سر ڇو نه شروع ٿي سگهيو، آئنده اهڙي طرح جي ??ام??ن ۽ مجرماڻي غفلت کي روڪڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ ضروري آهي.