اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي لاءِ خاص پو??يو جي شروعات ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ پو??يو مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ ٻارن کي ان موذي مرض کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي ويندي. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين ان خاص مهم تحت 2 لک 86 هزار پو??يو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پو??يو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئ??ري??دا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پو??يو جي روڪٿام واري مهم جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته پاڪستان مان پو??يو جهڙي موذي مرض جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪندڙ شراڪتدارن ۽ دوست، عالمي تنظيمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته مان اُميد ڪريان ٿو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ شراڪتدارن سان گڏجي ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي ۾ ڪاميابي ماڻيندي. انشاءَ الله پاڪستان مان پو??يو جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي عهديدار، پو??يو ورڪرز، سيڪيورٽي اهلڪار سڀني کي پو??يو جي روڪٿام لاءِ ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر جي سڀني ٻارن کي معذوريءَ کان بچائڻ لاءِ پو??يو جا ڦڙا ضرور پيئ??ري??. پنهنجي ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ پو??يو جي روڪٿام جي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پو??يو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ، پو??يو جي روڪٿام لاءِ وزيراعظم جي خاص نمائنده عاشقه رض?? فاروق، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، گيٽس فائونڊيشن ۽ گڏيل قومن جي نمائندن سان گڏوگڏ اعليٰ اختي??ري?? شرڪت ڪئي.