اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيد??وا?? واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ??لا??ات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ??لا??ات ۾ صنعتي?? زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي ??يد??وا?? وڌائڻ لاءِ جديد زرعي ??شينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي ??شينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ??اهر روس جو دؤرو ڪن.