اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا ف??رو?? چيو آهي ته ملڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري و??ارت طرفان جاري بيان مطابق عائشا رضا ف??رو?? چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليو مهم ڪاميابي سان جاري آهي. جاري پوليو مهم ۾ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي و??ي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آهي. پلان مطابق سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي و??ئرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. ڪوالٽي و??رين 03 پوليو مهمن ذريعي ان وائرس جي پکيڙ کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسين. عائشا رضا ف??رو?? چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف مطابق 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو مهم ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻه مهمون آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عملي سان ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين بهترين حڪومت عملي سان پوليو تي ضابطو آڻينداسين.