اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، ال??ه تعاليٰ پ??ڻ سڳورن صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. ال??ه تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم ال??بيين صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پ??ڻ سڳورن صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پ??ڻ سڳورن صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت مح??د صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پ??ڻ سڳورن صلي ال??ه عل??ه وآله وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.