اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اهي ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏ??اڙ?? جي مناسبت سان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندار ثقافتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪست??ن ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ ٻن ملڪن وچ ۾ اهي مثالي لاڳاپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چين چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ عوام کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلسل پيدا ڪري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿي سگهي ٿو. قومي ثقافت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شاهه چيو ته چين پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سفير حسن جاويد چيني عوام کي سندن ڏ??اڙ?? جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪيو. تقريب دوران توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ??ي واري وفاقي وزير شز?? فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني عوام کي سندن قومي ڏ??اڙ?? تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب دوران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جا ثقافتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثقافتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. تقريب جي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪيل موسيقيءَ تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.