اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري نوابزاده نصرالله خان مرحوم جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪري ڇڏي. صدر ??صف علي زرداري نوابزاده نصرالله خان مرحوم کي جمهوريت، اتحاد ۽ انصاف جي لاءِ اڻٿڪ لگن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (لاڏڻي کانپوءِ)، ڏيڻ جي سفارش ڪ??ي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪ??ي آهي ته اها ايوارڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪري. صدر جو چوڻ هو ته نوابزاده نصرالله خان ناليوارو ۽ باوقار سياستدان هو. سندس زندگي جمهوريت جي ترقي ۽ پاڪستان جي سياسي سالميت جي لاءِ وقف هئي. صدر ??صف علي زرداري چيو ته نوابزاده نصرالله خان جي بي مثال ديانت، ڀائيچارو ۽ جمهوري قدر ا??ند?? نسلن جي لاءِ حوصلا افزائي جو سبب هوندا. نوابزاده نصرالله خان مرحوم جي سڀاڻي 27 سيپٽمبر تي 21 هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي.