اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??ان ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان قرطولمس ترڪمانستان جي دوري ??وران عالمي فورم ”وقت ۽ تهذين جو گڏيل تعلق: امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي پڻ موجود هئا. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ريل رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون، عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو ۽ چي?? ته ترڪيه پاڪستان ۽ مسلمان دنيا جو عظيم ۽ مخلص دوست آهي. صدر چي?? ته ترڪيه مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي اصولي موقف اختيار ڪري ٿو ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿاريندو آيو آهي. ملاقات ۾ فلسطين ۽ لبنان جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ مسلمان امت کي درپي?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلمان دنيا پاران مخلصاڻي ۽ سنجيده ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر چي?? ته ترڪيه هڪ اقتصادي طاقت بڻجڻ جي رستي تي گامزن آهي. هن ان موقعي تي ترڪيه جي ڪاميابي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو.