اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزير??عظ?? پاران 11 سالن کان پوءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزير??عظ?? 11 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزير??عظ?? 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصادي سهڪار ۽ ٻن??ي ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جار?? منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪاري واپاري لاڳاپن کي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻن??ي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزير??عظ?? جو اهو دورو بن??ي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻن??ي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ج?? هڪ اهم موقعو آهي.