اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اق??ال هندو برادري کي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اق??ال چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هندو برادري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ترقي لا??ِ برابر موقعا ف??اه?? ڪرڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت هندو برادري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت ا??ليتن سميت سڀني کي برابر موقعا ف??اه?? ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توانا ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين رکي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر مان فائدو کڻي سگهن.