اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي واديءَ بيڪا ۽ بعلبڪ جي علائقن تي تازي ا??را??يلي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ??هر??ن جي جانين جو افسوسناڪ نقصان ٿيو ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهي فضائي حملا لبنان جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان اتر غزه جي ماڻهن جي خلاف ا??را??يلي جارحيت ۽ بيت الاهيا تي انڌاڌنڌ فضائي حملي جي پڻ مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 100 ک ان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا. ??رج??ان چيو ته مسلسل ۽ مڪمل ڇوٽ سان بنا ڪنهن وارننگ جي ڳُتيل آبادي وارن رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ انساني مصيبتن جي لاءِ ا??را??يلي نفرت جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته غزه جو گهيراءُ ۽ مسلسل ا??را??يلي حملا غزه جي اڳ کان تباهه حال عوام تي مصيبتن، تباهي ۽ وڏي انگ ۾ فوتگين جو سبب بڻجي رهيا آهن. ??رج??ان چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن فلسطيني عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فوري ضرورت آهي، ا??را??يل پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايج??سي جي لاءِ وچ اوڀر ۾ امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناقابل قبول ۽ ان جي اهم ڪمن کي سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ا??را??يل جي فلسطيني عوام کي غيرانساني سلوڪ بڻائڻ جي منظم مهم جو مظهر آهي. هن چيو ته اسان فلسطين ۽ لبنان ۾ دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي برادري کي غزه ۾ فلسطينين جي خلاف ا??را??يل جي نسل ڪشيءَ جي مهم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم وڌائڻ گهرجي، اسان عالمي برادري تي پڻ زور ڏيون ٿا ته ا??را??يل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو جوابده بڻائي. ??رج??ان چيو ته پاڪستان لبنان ۽ فلسطين جي عوام کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل هفتي پاڪستان انساني امداد جا وڌيڪ 2 جهاز لبنان موڪليا، هيستائين پاڪستان مان چار خصوصي ڪارگو جهاز ضروري انساني سامان سان گڏ لبنان پهچي چڪا آهن.