اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري س??جن ۽ ايس آءِ يو ٽي جي يورالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سرجن ڊاڪٽر مرلي ڌر چڪن گونيا جي وڌندڙ مرض کي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو ۽ ان سان ڪيترا??ي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا. اي پي پي س??ن ڳالهائيندي ناليواري س??جن ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو ته چڪن گونيا جو بخار وائرس جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اهو وائرس مڇر جي چڪ سان جسم ۾ پهچي ٿو، چڪ جي ٽن کان ستن ڏينھن تائين بخار، بدن ۾ سُور، سنڌن ۾ سور ۽ گوڏن ۽ چيلھ ۾ سور ٿئي ٿو پر ڪجھ ماڻھن کي مھيني تائين بُخار هلندو آهي ۽ هِن بُخار ۾ سنڌن جي سور جي ڪري ڪجھ ماڻهن جا گوڏا بيھجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهن کي گوڏن جو سُور دائمي رهجي وڃي ٿو. هِن چيو ته چڪن گونيا جي بُخار لاءِ پيراسي??ام??ل گوري س??ن گڏ پاڻي جو واھپو وڌايو وڃي، بُخار وڌي وڃي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو وڃي، ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اهو هڪ وائرل بخار آھي ۽ ان ۾ اينٽي بائٽڪ جي ضرورت نه پوندي آهي، چڪن گونيا کان بچاءُ جي حوالي س??ن ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته ماڻهن کي مڇرن کان بچڻ گهُرجي ڇو جو هِن وقت هر مرض مڇرن جي وسيلي پکڙي رهيو آهي، ماڻهن کيي صفائي جو خيال رکڻو پوندو، پاڻي جا ٿانءُ ڍڪي رکيا وڃن، ڪپڙا پورا پائڻ گهُرجن ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ اسپري ڪيو وڃي ۽ مهاري جو استعمال ڪيو وڃي.