اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ??قا??تي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پاڪ ڪوريا ڪلچرل گالا جو اهتمام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان ۾ ڪوريا جي سفا??تخ??ني ان ??قا??تي ميلي جو اهتمام ڪيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ڪوريا جو سفير موجود هئا. ڪلچرل گالا دوران ٻنه?? ملڪن جي فنڪارن پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. پاڪستاني فنڪارن بلال سعيد، نتاشا بيگ، عزير جسوال ۽ خماريان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڪوريا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪارن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪارن جي پرفارمنس مان ڀرپور محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ??.