ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پي??لز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته هي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ امن جي علامت آهي جيڪو پاڪستان جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري بيان ??وجب پ پ چيئرمين پاڪستان جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن ت??ام گهڻي ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڏياري اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آهي. پ پ چيئرمين ??نه??جي پارٽيءَ جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين ??نه??جا ڏڻ وقار ?? آزاديءَ سان ??لهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ڏياري جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرعمل عمل آهي جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪهڙو به هجي، گڏيل احترام ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.