اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ امپائر محمد نذير جونيئر جي لاڏاڻي تي ت??زيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته محمد نذير جونيئر ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي جي ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. محمد نذير جونيئر جُون ڪرڪيٽر ۽ امپائر طو?? ڪاميابيون پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳيون آهن.