اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حماي?? جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ??شتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذري?? ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.