پشاور-20 ڊسمبر(اي پي پي) خ??بر??ختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ملڪي امن استحڪام ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري سميت ??موريون اقليتون ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري جون خدمتون قدر جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊورڊز ڪاليج پشاور ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب دوران ڪيو. گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ بشپ همفري سرفراز پيٽر، پ??نس?? پروفيسر شج??عت علي، ايڊورڊز ڪاليج جي شاگردن، فيڪلٽي مي??برن سميت مسيحي برادري جي عورتن ۽ مردن سميت ٻارن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تقريب ۾ ايڊورڊز ڪاليج جي انتظاميا سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون.تقريب ۾ قومي تراني ۽ ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري جي خاص دعا ۽ ڪرسمس جو گانو پڻ ڳايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته شاگرد مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ علم ئي طاقت آهي توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي منظر نامي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت مڪمل حقن جي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي. ايڊورڊز ڪاليج ۾ هلندڙ سال اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25 وظيفا (اسڪالرشپ ) مختص ڪيون ويون آهن. ايڊورڊز ڪاليج صوبي جي تاريخي تعليمي درسگاه آهي. ايڊورڊز ڪاليج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت ??رقرار رکڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندس.