اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس منعقد ٿي ج??هن ۾ چئني ??وبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني ??ڻائڻ تي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪ??ز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي ج??هوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني ??اريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني ج??هوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪ??ز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪ??ز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي ج??هن جي صدارت ٽئين آئيني ??سيمبلي ج?? اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪ??ز ڪانفرنسز ان وقت جي قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي ج?? سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪ??ز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سيد فخر امام جي س??براهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪ??ز ڪانفرنس 1987ع ۾ قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي س??براهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. قومي اسميبلي ج?? اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي س??براهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر گوهر ايوب خان جي س??براهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس جي س??براهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر چوڌري امير حسين جي س??براهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي س??براهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق جي س??براهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪ??ز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.