اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي ا??مينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پ??ڪستان“ جهڙي م??صو??ي جي شروعات ڪئي آهي، ا??و م??صو??و پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شروعات آهي. هن چيو ته اسان ”اڏار پ??ڪستان“ جهڙي م??صو??ي جي شروعات ڪئي، ا??و م??صو??و پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پاڪستان جي ا??ٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي مح??ت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، ا??شاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.