ڪوهاٽ – 28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ، ادارن کي بااختيار بڻائي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪو??تن ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کانسوا??ِ ڪجهه نه ڪيو، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته ناڻو خالي هو جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي پاڪستان کي عزت ڏياري، آمريڪا ۽ يورپي قيادت آڏو ڪڏهن معذرت وارو ا??دا?? اختيار نه ڪيو. هو ڪوهاٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.