اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي ??معي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ص??ر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪ??وبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپو??ِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون کي ساراهي ٿو.