اسلام آباد-27 جنوري (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ ??طح?? ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري ??نرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ ما??ي مدد جاري ??کڻ واري ??رادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.