ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئل?? جي حل جي حوالي سان بهتر منصوب??بن??ي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻه?? جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبق?? جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انه?? جي تحف?? لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان ??ختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ويو. ان ??وقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻه?? جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻه?? جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوب??بن??ي لاءِ ضروري آهي ته انه?? جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان ??قصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان ??ه پر ذميداري آهي.