اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان کي هڪ وڏي ميڊيا وار درپيش آهي، سوشل ميڊيا تي پاڪستا?? جي خلاف پروپئگنڊه کي ڀارت ??يڊ ڪري رهيو آهي، پي ٽي ??يم رياست مخالف 150 ٽرينڊز هلايا، ملڪ دشمن عنصر پاڪستا?? جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، (ن) ليگ جي ميڊيا ٽيم ۽ جي يو آءِ (ف) پڻ اسرائيل ٽرينڊز ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، ان پروپئگنڊه ۾ افغانستان جا به ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پاڪستان ۾ فرقيواراڻي نفرت ۽ لساني وڳوڙ?? جي ڪوشش ۾ به ٻاهرئين ملڪ مان سوشل ميڊيا اڪائونٽس ملوث آهن، نور مقدم ڪيس کي بنياد بڻائي ڀارتي ٽي وي چينلز پاڪستا?? جي خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن جون وڊيوز اپ لوڊ ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان کي هڪ پلان تحت ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستا?? جي خلاف جعلي خبرون پکيڙيون پيون وڃن، ان کي اسان پوري طرح بي نقاب ڪنداسين. هن ??يو ته اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل ميڊيا ونگ هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طريقي سان پاڪستا?? جي خلاف سوشل ميڊيا کي خاص طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏا ڪردار ڪير آهن. ان رپورٽ ۾ ٻن سال?? جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آهي. هن ??يو ته 2019ع کان وٺي آگسٽ 2021ع تائين پاڪستا?? جي سوشل ميڊيا جو هڪ تفصيلي تجزيو ان رپورٽ ۾ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستا?? جي خلاف وڏي سوشل ميڊيا ٽرينڊز کي ڀارت ??يڊ ڪيو، ان ۾ پاڪستا?? جي اندر سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي ??يم ۽ ان سان تعلق رکندڙ ورڪرز آهن، جن هندستا?? جي ان حوالي سان مدد ڪئي. هن ??يو ته انهن ٽرينڊز ۾ افغانستا?? جي موجوده حڪومت جا ماڻهو به شامل آهن. پي ٽي ??يم پاڪستان رياست جي خلاف ٻن سالن ۾ 150 ٽرينڊز ??يڊ ڪيا، انهن ۾ رڳو 37 لک ٽوئيٽس ڪيا ويا. اهو اٽڪل ٽوئيٽس جو هڪ هزار ڪلاڪ بڻجي ٿو جيڪي پي ٽي ??يم جي 150 ٽرينڊز تي ڪيا ويا. هن ??يو ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي ??يم بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ کي پڻ سپورٽ ڪيو، 14 آگسٽ 2020ع تي پي ٽي ??يم بلوچستان ساليڊيريٽي ڊي جو هڪ ٽرينڊ هلايو، ان ٽرينڊ تي هندستان مان هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک ٽوئيٽس ڪيا ويا، اهو ٽرينڊ شروع پي ٽي ??يم ڪيو ۽ ا?? جي سپورٽ هندستان ڪئي. وڌيڪ ٽرينڊز به هلايا ويا، PTMExposeStateTerrorism# تي 23 هزار ٽوئيٽس ٿيا، DaSangaAzadiDa# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، BalochistanSolidarityDay# تي هڪ لک 45 هزار ٽوئيٽس ٿيا، TyrantPakistanArmy# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا، ArmyBehindTargetkilling# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، PakArmyKillsPashtun# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا. هن ??يو ته پي ٽي ??يم TRC4PashtunGenocide# جهڙا ٽرينڊز شروع ڪيا ۽ انهن کي سپورٽ هندستان کان ملي رهي آهي. هن ??يو ته ٻن ڏينهن کان هڪ ٽرينڊ SanctionPakistan# هلايو پيو وڃي، ان ٽرينڊ تي پي ٽي ??يم ٻيهر 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا آهن. ان ۾ افغانستا?? جي نائب صدر امرالله صالح، نيشنل سيڪيورٽي ??يڊوائيزر رحمت الله اندور ۽ ڊيفينس منسٽر جنرل بسم الله محمدي پڻ حصو وڌو. ان تي ڪل گڏائي 8 لک ٽوئيٽ ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هندستان مان ويڪيپيڊيا جو ايڊمنسٽريٽر پي ٽي ??يم جي ماڻه?? جي لاءِ ڪمپين ڊيزائن به ڪري ٿو ۽ ا?? جي لاءِ ويڪيپيڊيا پيجز پڻ هلايا وڃن ٿا. هن ??يو ته ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته اي يو ڊس انفوليب انڊين ڪرونيڪلز جي نالي سان پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان جون 845 ويب سائيٽس ٺاهيون ويون آه?? جيڪي رڳو پاڪستا?? جي خلاف ڊس انفارميشن پکيڙين ٿيون. انهن ويب سائيٽس جو هندستا?? جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آئي سان ويجهو تعلق هو. اهي اي يو ڊس انفوليب جي سامهون آيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪريمه بلوچ تي هڪ ٽرينڊ StateKilledKarimabaloch# هلايو ويو. ڪريمه بلوچ ڪينيڊين شهري هئي. ڊسمبر 2020ع ۾ اها فوت ٿي، ڪئناڊا جي پوليس جاچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ا?? جي فوتگي ٻڏڻ سان ٿي، ان ۾ ڪو ٻيو رخ شامل نه هو پر پي ٽي ??يم ان ٽرينڊ تي هزارين ٽوئيٽس ڪيا. اهڙي طريقي سان عثمان ڪاڪڙ جي مو?? برين هيمرج سان ٿي، ا?? جي لاءِ 10 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ٿيا جن مان ٻه ڀاڱي ٽوئيٽس هندستان مان ڪيا ويا. هن ??يو ته بلوچستان ۾ هڪ ٻار تي RapistArmyInBalochistan# جو ٽرينڊ هلايو ويو، ان ٽرينڊ تي ڪجهه عنصرن انڊيا مان ۽ ڪجهه آمريڪا مان ٽوئيٽس ڪيا. ان تي 10 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا ويا، بدقسمتي سان ان ٽرينڊ ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي ??يم جي ميڊيا ٽيم حصو ورتو جيڪو بنيادي طور تي اسرائيلي ٽرينڊ هو، اسرائيل پاڪستا?? جي اندر اهو ٽرينڊ ڏئي ڪنفيوزن پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. ان کانسواءِ اي اين پي RejectKillDumpPolicy# ٽرينڊ بلوچستان ۾ پنهنجي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جي لاءِ شروع ڪيو، ان ٽرينڊ کي به هندستان مان سپورٽ ملي. بعد ۾ خبر پئي ته اي اين پي جي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جو قتل ڪار کسجڻ جي واردات ۾ ٿيو هو. هن ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪيترن ئي ٽوئيٽس کي هندستان مان سپورٽ ملي. هن ??يو ته تحريڪ لبيڪ جڏهن پنهنجي ڪمپين شروع ڪئي ته چار لک ٽوئيٽس 15 ڪلاڪ?? جي اندر مليا، ان ۾ تمام وڏو حصو هندستان جو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته نور مقدم ڪيس ڪرمنل ڪيس آهي، ان ۾ ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن پر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم هلائي وئي جنهن ۾ ??يو ويو ته پاڪستان عورت?? جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي. هندستا?? جي هڪ چينل نور مقدم ڪيس تي سوين وڊيوز ٺاهيون. هن ??يو ته پاڪستان کي هڪ تمام وڏي ميڊيا وار درپيش آهي جنهن ۾ پاڪستا?? جي خلاف جعلي ميڊيا کي جعلي خبر?? جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪجهه اهڙا ٽرينڊز هلايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته پيگاسس سپائي ويئر بابت ڪميٽي ??ي شروعاتي ڪم ٿي ويو آهي، حڪومت پاران ڪميٽي ??ي لاءِ آفيشلز نامزد ڪيا ويا آهن، نجي شعبي پاران نالن جو انتظار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي ??يو ته پي ٽي ??ءِ حقيقي وفاق جي نمائنده سياسي پارٽي ??هي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ پزيرائي حاصل آهي، وزيراعظم عمران خان پوري ملڪ ۾ مقبول ترين ليڊر آهي، اسان کي پي ٽي ??يم جي سياست سان ڪو مسئلو نه آهي، پي ٽي ??يم جي اندر هڪ اهڙو ڌڙو آهي جيڪو ڀارتي ايجنڊا ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. افغانستا?? جي حوالي سان هڪ سوال تي هن ??يو ته آمريڪا افغانستان ۾ اٽڪل 2 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا پر افغانستا?? جي فوج ان قابل نه آهي ته اها طالبان جو مقابلو ڪري سگهي. هن ??يو ته افغانستا?? جي سڄي ليڊرشپ ارب پتي آهي پر افغانستان جا ماڻهو غريب ترين آهن، ان جو انهن کي حساب ڏيڻ گهرجي.