اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين س??ن ڪاغذ جو بيلٽ پيپ?? به موجود آهي ?? ان جو نظام فلپائن جي چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ مشين کان وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فلپائن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊن ۾ استعمال جي تاريخ بابت انگ اکر انتهائي اهم آهن، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ووٽرن جي اعتماد ۾ اضافو، اليڪشن پٽيشنز، قتل ۽ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي. انگن اکرن موجب فلپائن ۾ 2007ع جي چونڊن ۾ روايتي ڪاغذ جي ذريعي ووٽنگ جي نظام سان 6 هفتن کانپوءِ چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ذريعي ووٽنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. فلپائن ۾ 2007ع ۾ 35 سيڪڙو ماڻهو ان تي اعتماد ڪندا هئا جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اعتماد جي اها سطح 75 سيڪڙو ۽ 89 سيڪڙو تائين پهچي وئي. 2007ع جي چونڊن کانپوءِ چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ هڪ هزار پٽيشنز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 2010ع ۾ 49 ۽ 2019ع جي چونڊن ۾ 11 پٽيشنز داخل ڪيون ويون. صدر چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي تبديلي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿ??ندي. اسان وٽ ووٽنگ مشين س??ن گڏ ڪاغذ جو بيلٽ پيپ?? به موجود آهي ?? اسان جو نظام ان س??ن به وڌيڪ بهتر آهي.