اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان بل سان صحافين کي پهريون ڀي??و اهڙا حق حاصل ٿيندا ??يڪ?? رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين کي حاصل آهن. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو آهي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي تحفظ فراه?? ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندو.