فيصل ??باد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته هڪ مخصوص ٽولي پاران نواز شريف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به پاڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيالا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. فيصل ??باد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي جائزي کانپوءِ گولڊ پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل ??باد تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل قومن سميت عالمي ادارن واضح چيو آ??ي ته پاڪستان ڪوويڊ جي باوجود پنهنجي معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جي ڪري نمبر ون تي اچي چڪو آ??ي جتي ڪوويڊ دوران ڪاروباري مرڪز، بازارون، دڪانون، فيڪٽريون، تعليمي ادارا کليل رهيا، اهو ئي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڏورس سوچ ۽ حڪمت عملي خاص طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي پوري دنيا ساراهيو آ??ي جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ خوشخبري آهي ته 31 ڊسمبر 2021ع تائين 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسي نيشن جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو انهي کي انتهائي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آ??ي جنهن جي لاءِ اسد عمر، ڊاڪٽر ف??صل ??لطان، اين سي او سي، صحت کاتو، ڪورونا ويڪسين سينٽر جو عملو ۽ صحت جو فيلڊ اسٽاف خراج تحسين جو مستحق آهي.