اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کان 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سر??ار?? عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيرا??ظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيرا??ظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيرا??ظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، و??يرا??ظم بيجنگ ۾ چين جي مشهور ??ار??باري اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ مي??يا جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، و??يرا??ظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالمي ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گيمز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنهي ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي اولمپڪ گيمز جي انقعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيرا??ظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪيترن ئي ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.