اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن ??اڳ??پن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ??اڳ??پن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دا??ود?? مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.