راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪيو، بلوچستان ج?? گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزي??اع??م سان گڏ هئا. وزي??اع??م کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزي??اع??م فوجي دستن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزي??اع??م فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزي??اع??م بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزي??اع??م چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچستان جي حقيقي صلاحيتن ??ي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزي??اع??م علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزي??اع??م زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.