اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته اسان جي حڪومت اس??امو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز ا??اريو، پوري مسلمان امت کي اس??امو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي ??هي جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قومي اس??مبلي جي ميمبرن مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، رياض فتيانه، سردار ??صر الله دريشڪ، نجيب هارون، سردار محمد خان لغاري، عاصمه قدير ۽ جويريه ظفر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. سنڌ مان قومي اس??مبلي جا ميمبر صائمه نديم، سنڌ اس??مبلي جي ميمبر رابعيه اظفر ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي ۽ ارسلان گهمڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، سيد علي زيدي، خصوصي صلاحڪار عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هئا، پارليامينٽ جي ميمبرن وزيراعظم کي گڏيل قومن ۾ اس??امو فوبيا کي روڪڻ جي حوالي سان قرارداد منظور ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت اس??امو فوبيا کي روڪڻ لاءِ هر فورم تي آواز کنيو، اسان جون ڪوششون عالمي سربراهن سميت روسي صدر پيوٽن ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به اس??امو فوبيا کي روڪڻ لاءِ آواز ا??اريو. سڄي مسلمان دنيا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي سان همڪنار ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سياسي معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم قومي اس??مبلي جي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.