ملتان – 03 – آگسٽ (اي پي پي) زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن چيو آهي ته پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين س??ن گڏ شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي، جهڙي طر?? 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻايو، اهو افسوسناڪ آهي، هڪ ڏينهن ايندو ته ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي عورت شعبي جي نگران شمائله رفيق چيو ته ڀارت ڪشمير کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ظالماڻا حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر 9 لک ڀارتي فوج ڪشميرين جي جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق کي ٿڌو نه ٿي ڪري سگهي، 1947ع کان هيستائين هڪ لک 40 هز??ر ڪشميري شهيد جڏهن ته 70 هز??ر جيلن ۾ بند آهن. شق سي 370 جي تحت ڪشمير ج?? خودمختيار حيثيت ختم ڪري ٽن سالن تي ٻڌل بدترين لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪشميري مسلمانن جي مڪمل نسل ڪشيءَ جي منصوبابندي س??ن گڏ مسلمان آبادي جي تناسب کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن کان جاري لاڪ ڊائون ۽ ٻين ظالماڻن حربن جي باوجود ڪشميري اڄ به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??ي رهيا آهن. ڪشمير جي لاءِ اسان 4 جنگيون وڙهيون آهن، جوانن جون شهادتون پيش ڪيون آهن ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، پاڪستاني قوم ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪشميرين س??ن گڏ آهي.