ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي و??ي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ?? 35 اي کي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان جي و??ي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مس??ما??ن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي و??ي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن ??وج?? ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.