مهمند – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند ڊيم کي ٻوڏ سبب نقصان جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته منصوب?? تي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم ۾ به ڪجهه مهينا اڳ حادثو ٿي چڪو آهي، اڳتي ان جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ٻارڻ جي درآمد تي ساليانو اربين ڊالر خرچ ڪري سبسڊي ڏيڻ سان ناڻ?? تي بار پوي ٿو، پاڻي، هوا ۽ سج جي روشني سان سستي بجلي پيدا ڪرڻي پوندي. ان موقع?? تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام ۽ جمعيت عل??اءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ مولانا عطا5 الرحمان پڻ موجود هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي مهمند ڊيم منصوبي واري جڳهه جي دوري جي موقع?? تي ڪيو. هن چيو ته مهمند ڊيم چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنيون گڏجي تعمير ڪري رهيون آهن، انتهائي اهم منصوبو آهي، ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، آبپاشي جي لاءِ پاڻي دستياب ٿيندو ۽ ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ڊيم جي بنيادي ڍانچي ۽ ٽنلز کي نقصان انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي جاچ ڪرا??ي وڃي ته ائين ڇو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ ڊيمن جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، دنيا ۾ جتي به ڊيم تعمير ڪيا وڃن ٿا اتي حفاظتي انتظام به ڪيا وڃن ٿا، ڪجهه مهينا اڳ نيلم جهلم ۾ هڪ وڏو حادثو ٿيو، ان جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو هو، آزاداڻي ڪنسلٽنٽس کان ان جي جاچ ڪرا??ي ويندي ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان درآمدي ٻارڻ تي اربين ڊالر ساليانو خرچ ڪري ٿو ۽ مهانگي بجلي پيدا ڪري صارفين کي سستي بجلي مهيا ڪرڻ سان ناڻ?? تي بار پوي ٿو، اسان کي هوا، سج جي روشني ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌائڻي پوندي ڇو ته اهو اسان جو مستقبل آهي، بجلي جي پيداوار جو سستو ذريعو هائيڊل پاور آهي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته چيني ڪمپني ان منصوب?? تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي، منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ ان کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي، هي منصوبو اسان جي معاشي ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام وڏي اهميت رکندڙ آهي، سستي بجلي سان زراعت، صنعتن ۽ عوام جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ معيشت کي استحڪام ملندو. ان کان اڳ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ چيني تعميراتي ڪمپني جي نمائندن وزيراعظم کي مهمند ڊيم منصوب?? تي اڳڀرائي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو سوات درياءَ تي تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ 18 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سيراب ٿيندي، ڊ??م جي تعمير سان ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان سان بحالي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري ڪاظم نياز نيلم جهلم هائيڊل پاور پراجيڪٽ ۾ پيش ايندڙ حادثي جي انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس کان شفاف جاچ ڪرائڻ بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم مهمند ڊيم جي سائيٽ جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري ۽ واپڊا چيئرمين کان تعميراتي ڪم بابت معلومات ??رتي.