ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) صوب??ئي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران امدادي سرگرميون ??اري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ و??يڪ 24998 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح نوشهروفيروز ۾ 2250، سانگهڙ 1498، دادو 500، حيدرآباد 3500، مٽياري 250، سجاول 1250، ٺٽو 1750، جيڪب آباد 500، لاڙڪاڻو 1000، سکر 6500، ميرپورخاص 1000 ۽ ٿرپارڪر ۾ 2000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1381336 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق متاثرن ۾ و??يڪ 1350 خيما، 15000 مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هينئر تائين متاثرن کي 493155 خيما، 523095 پلاسٽڪ ترپال، 3001077 مڇردانيون، 796433 ليٽر منرل واٽر، 68837 جيري ڪينس، 98903 تيار ٿيل کاڌي جون ??يڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 763 حياتين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته 436181 ڍو?? مري چڪا آهن. هن چيو ته 7383023 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ريليف ڪيمپن ۾ 352484 متاثر موجود آهن. جن کي ٻه وقت تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون ??هولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد هڪ لک ڪيوسڪ کان هيٺ اچي وئي آهي.جتي پاڻي جي آمد 88300 ?? اخراج 59100 ڪيوسڪس آھي ، گڊو بيراج تي 56300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 45600 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 45400 ڪيوسڪ ۽اخراج 33600 ڪيوسڪ آهي.