اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، ??ين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وز??راعظم چيو ته ??ين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، ??ين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن ??ي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ ??ين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز پاران ٻوڏ سٽيلن ??ي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وز??راعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، وز??راعظم جا خاص مع??و??ين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ ??ين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.