اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ??اهرن جي خصوصي وفد جي ??وڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي آج??ان ڪندي ان مو??عي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي ??اءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ??يديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ??اهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي ??يادت ۾ ملاقات ??ئي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي ??عاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي ??ر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي ??راڻن لاڳاپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي ??اڪستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پاڪستان جي ??وڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي ??نصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سا?? تعاون جي ??اءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.