اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ??لسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري ر??ندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي ??ال??ي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان ??ال??ي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ ??ال??ي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي ر??يا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر چيو ته ??سلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??لسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ناجائز قبضو ان تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون ??هن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ ??ال??ي قانونن جي منافي آهي. صدر چيو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي ح??صل ڪرڻ تائين جاري ر??ندي. هن چيو ته ??اڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ ??ال??ي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ??ال??ي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني ر??است جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته ??اڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.