اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف اتر وزيرستان ج?? علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن ج??ڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ج?? عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??ظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم ش??يدن ج?? درجن ج?? بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ ??بر جميل جي دعا پڻ ڪئي.