ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتص??دي فورم جو 53 هون ساليانو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتص??دي فورم جي مختلف اجلاسن ۾ عالمي اقتص??دي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير فورم جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊي?? ۽ ??ول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندا.