اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي عالمي آءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻيندڙ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ کي ??بارڪباد ڏني آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني ??وج??انن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ڪري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ??وج??انن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ترين آسان ترين ۽ مختصر ترين رستو آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني ??وج??انن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏني وڃي ته هو ڪمال ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ۽ پنهنجي ??وج??انن جي فڪري ترقي تي و??يڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!