اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي جن??ن ۾ موثر قانونسازي ۽ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ انتظامي معاملن جي لاءِ ان جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. ان موقعي ??ي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ موجود هئا.