اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلز لائرز فورم خيبرپختونخواهه جي صوبائي عهديدار عمرا?? ايڊووڪيٽ جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته قيادت سميت پوري پارٽي توهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آ??ي. هن مرحوم جي لاءِ جنت ال??ردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.